حنا اگناڻي

حنا اگناڻي

حنا اگناڻي

حنا اگناڻي: ليکڪا، شاعره، ڪالم نويس ۽ فنڪاره حنا اگناڻي ’هير‘ 12 سيپٽمبر 1972ع تي احمد آباد، (هندستان) جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس تعليمي لياقت بي ايس. سي ۽ ايم. اي (سنڌي) آهي.کيس، ’آل انڊيا ريڊيو‘ ۽ ’دور درشن‘ تي سنڌي خبرون ۽ سنڌي پروگرام پيش ڪرڻ جو ڪيترن ئي سالن جو تجربو آهي. هن ’آل انڊيا ريڊيو‘ تي صداڪاري پڻ ڪئي آهي ۽ سو کان مٿي مشھور سنڌي شخصيتن جا انٽرويو ڪري چڪي آهي. ان کانسواءِ برهم گياني سوامي ليلا شاهه ۽ شھيد هيمون ڪالاڻيءَ جي نالي سان ٻن دستاويزي فلمن جي هدايتڪار ۽ پيشڪار پڻ رهي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’شبنم موتي‘ (شاعري: 2017ع)، ’ڪاري چيخ‘ (ڪھاڻيون: 2018ع)، ’تتل تئي جو سچ‘ (ترجمو: 2018ع) ’آسماني پري‘ (ٻارن لاءِ شاعري: 2018ع) ۽ ’ڀڳوان نردوش جا چونڊ غزل‘ (ترتيب: 2018ع) شامل آهن. سندس شعري مجموعي ’شبنم موتي‘ کي گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمي طرفان بھترين ڪتاب جو اوارڊ ڏنو ويو.


لفظ حنا اگناڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.09.12  عيسوي

ليکڪا، شاعره، ڪالم نويس ۽ فنڪاره حنا اگناڻي ’هير‘ 12 سيپٽمبر 1972ع تي احمد آباد، (هندستان) جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنت ماڌو داس
سيد عبدالڪريم رضوي حڪيم
آدمجي حاجي دائود
ڄام صديق ابڙو
راهوجو ذوالفقار
اعتزاز احسن
ديوان ڄيٺمل
رابرٽ ايڇ گوڊارڊ
پيرزادو شاهه محمد
عاشق حسين پاٽولي استاد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون